قومي ايئر لائين پي آءِ اي جو مالي بحران برقرار آهي، ان دوران پاڪستان اسٽيٽ آئل(پي ايس او) طرفان ٻارڻ جي تيل جي فراهمي به گهٽ ڪئي وئي آهي جنهن سبب قومي ايئر لائين جون اڏامون ملتوي ٿي ويون آهن ذريعن موجب قومي ايئر لائين جو فلائيٽ آپريشن سخت متاثر آهي جنهن سبب مسافرن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته سڄي ملڪ جي ايئرپورٽس کان پي آءِ اي جون 25 اڏامون ملتوي ٿي ويون آهن. جن ۾ ڪراچي کان اسلام آباد، ڪوئٽه، بهاولپور، لاهور، گوادر ۽ ملتان جون اڏامون تيل جي فراهمي نه ٿيڻ تي ملتوي ڪيون ويون آهن ذريعن موجب لاهور، اسلام آباد، ڪوئٽه، سيالڪوٽ، ملتان ۽ پشاور ايئرپورٽس تان به پي آءِ اي جون اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن ڪراچي کان مختلف ايئرپورٽس جون 16 اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن. ڪراچي، اسلام آباد جون 3 اڏامون ۽ اسلام آباد کان ڪراچي جون 2 اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن جڏهن ته لاهور کان ڪراچي جون 2 اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن.