پي آءِ اي جي نجڪاري کان اڳ حڪومت جو وڏو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت نجڪاري کان اڳ پي آءِ اي کي ٻن ڪمپنين جي صورت ۾ بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وفاقي حڪومت پي آءِ اي جا سمورا قرض معاف ڪندي تفصيل موجب حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري کان اڳ وڏو فيصلو ڪري ورتو آهي، پي آءِ اي جون 2 ڪمپنيون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ کانپوءِ پي آءِ اي ايوي ايشن ۽ هولڊنگ ڪمپنيون ٺاهيون وينديون ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت نجڪاري کان اڳ پي آءِ اي جا سمورا قرض ادا ڪندي ۽ پي آءِ اي جا مقامي قرض هولڊنگ ڪمپني ڏانهن منتقل ڪيا ويندا ذريعن موجب وفاقي حڪومت پي آءِ اي جي پرڏيهي قرضن لاءِ متحرڪ ٿي وئي آهي، حڪومت پي آءِ اي جي 88 ملين ڊالرن جي پرڏيهي قرضن لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت پرڏيهي قرضن جي بحالي نه ٿي چاهي پر 10 سالن لاءِ نئين شرح سود طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي