“پي آءِ اي کي غير ملڪي حڪومت کي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش”

تفصيلن مطابق پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ بليوورلڊ ڪنسورشيم جي بولي کي منسوخ ٿيڻ کان پوء قومي ايئرلائن کي غير ملڪي حڪومت کي وڪرو ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون ويون. ذريعن ٻڌايو آهي ته قومي ايئرلائن کي قطر يا ابوڌبي کي وڪرو ڪيو ويندو، هن سلسلي ۾ قطر يا ابوڌبي کان 30 نومبر تائين اظهار دلچسپي جي درخواستون طلب ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي کي قطر يا ابوڌبي کي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ معاهدي تحت وڪرو ڪيو ويندو، البت گهڻا شرط ۽ ضابطن اڳ ئي طئي ٿيل آهن. غير ملڪي حڪومت کي پي آءِ اي جا ڪيترا شيئر وڪرو ڪيا ويندا ان جو فيصلو اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي. خيال رهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي نجڪاري جي 60 سيڪڙو حصص لاءِ حڪومت پاران مقرر ڪيل 85 ارب رپين جي گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري قيمت جي مقابلي ۾ صرف 10 ارب رپين جي واحد بولي وصول ٿي هئي. جمع ڪرايل بولي جو 60 سيڪڙو شيئر صرف 12 سيڪڙو ٿيندو آهي، بولي ڏيڻ واري کي سرڪاري قيمت تي خريدڻ لاءِ 30 منٽ جو وڌيڪ وقت ڏنو ويو، پر بولي ڏيندڙ پنهنجي رقم وڌائڻ کان انڪار ڪندي 10 ارب کان وڌيڪ ريٽ نٿو ڏنو هو.