بلوچستان اسيمبلي جي سيٽ پي بي 45 ڪوئٽه جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر چونڊ جو غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجو سامهون اچي ويو آهي. بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 45 ڪوئٽه جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر چونڊ کان پوءِ فارم 47 جاري ڪيو ويو آهي. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جو علي مدد جتڪ 6 هزار 688 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. پشتونخواهه نيشنل عوامي پارٽي جو نصرالله زهري 4 هزار 122 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي تحت جمعيت علماءِ اسلام جي اميدوار مير عثمان پرڪاني 3 هزار 731 ووٽ جڏهن ته پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي مجيد خان اچڪزئي 998 ووٽ حاصل ڪيا. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تڪ ۾ ٽوٽل 17 هزار 752 ووٽ ڪاسٽ ٿيا جڏهن ته 41 ووٽ رد ڪيا ويا. تڪ ۾ وڌل ووٽن جي شرح 35.36 سيڪڙو رهي. ٻئي طرف جمعيت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن پي بي 45 جي نتيجن خلاف انسڪمب روڊ تي ڌرڻو هنيو. جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ايڊووڪيٽ چيو ته اسان وٽ سمورين 15 پولنگ اسٽيشنن جا فارم 45 آهن جن ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اميدوار مير عثمان برڪاني کي برتري حاصل آهي. ياد رهي ته ڪوئٽه ۾ بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 45 ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي عثمان پرڪاني پيپلز پارٽي جي علي مدد جتڪ جي ڪاميابي کي چيلنج ڪيو هو جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو هو.