تحريڪ انصاف، جمعيت علماءِ اسلام(ف) اي اين پي ۽ جماعت اسلامي آپريشن عزم استحڪام جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن عزم استحڪام جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي منظوري ڪابينه طرفان به ڏني وئي آهي. پر هاڻ پي ٽي آءِ، جي يو آءِ(ف)، اي اين پي ۽ جماعت اسلامي آپريشن عزم استحڪام جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.آپريشن عزم استحڪام جي حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو هو ته عوام جي منظوري کان سواءِ خيبرپختونخواهه ۾ ڪوبه آپريشن نه ٿيندو. آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر پارليامينٽ ۾ اچي بريفنگ ڏين. ان حوالي سان ڪي پي ڪي جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اهتمام هيٺ قبائل امن جرڳو اڄ منعقد ٿيندو جرڳي ۾ قبائلي ضلعن ۾ امن امان ۽ عزم استحڪام تي ڳالهيون ڪيون وينديون هن چيو ته امن جرڳي کان پوءِ وڏو وزير آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائيندو ۽ سياسي پارٽين کي صورتحال کان آگاهه ڪندو.