تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران انتشار کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي راڄڌاني ۾ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت اسلام آباد ۾ فوج کي طلب ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب آرٽيڪل 245 جي تحت پاڪ فوج کي گهرايو ويو آهي ۽ انهي سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته قانون ٽوڙيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. نوٽيفڪيشن موجب آرمي کي ڪنهن به علائقي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ڪرفيو لڳائڻ جا اختيار به ڏنا ويا آهن. شاهراهه دستور تي پارليامينٽ هائوس سميت سمورن اهم روڊن تي فوج مقرر ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سيڪيورٽي ادارن کي انتشار پکيڙيندڙن کي موقعي تي ئي گولي هڻڻ جا واضح حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاجي مظاهري دوران سري نگر هاءِ وي تي شرپسندن رينجرز اهلڪارن تي گاڏي چڙهائي ڇڏي هئي جنهن سبب 4 رينجرز اهلڪار شهيد جڏهن ته 5 رينجرز ۽ 2 پوليس جا جوان به سخت زخمي ٿي پيا هئا. سيڪيورٽي ذريعن موجب شرپسندن طرفان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ هينئر تائين رينجرز جا 4 ۽ پوليس جا 2 جوان شهيد ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هينئر تائين 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن. جن ۾ ڪيترائي زخمي آهن.