پي ٽي آءِ احتجاج ۾ گرفتاريون: اسلام آباد ۾ سي آءِ اي بلڊنگ سب جيل قرار

انتظاميه سي آءِ اي بلڊنگ آءِ نائن کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جي احتجاج ۽ گرفتارين کي نظر ۾ رکندي انتظاميه آءِ نائن ۾ واقع سي آءِ اي بلڊنگ کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف ڪمشنر اسلام آباد سي آءِ اي بلڊنگ کي سب جيل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب بلڊنگ کي آرٽيڪل پرزنرز ايڪٽ 1894 جي سيڪشن 3 جي تحت سب جيل قرار ڏنو ويو آهي.

اسلام آباد انتظاميه جي درخواست تي سب جيل ٺاهڻ جي منظوري قانون واري وزارت ۽ پارلياماني افيئرز ڏني آهي. تازو احتجاج ۾ گرفتار  ٿيندڙن کي انهي سب جيل ۾ رکيو ويندو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سب جيل ٺاهڻ جي منظوري اسلام آباد انتظاميه جي درخواست تي ڏني وئي آهي، تازو احتجاج ۾ گرفتار ٿيندڙن کي انهي سب جيل ۾ رکيو ويندو. ياد رهي ته اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف جي سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي.