حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ اسان جي جواب کان اڳ ئي ذهن ٺاهي ورتو آهي ته ڪميشن نه بڻجندو. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان عرفان صديقي چيو ته اسان ڳالهيون ختم نه ڪيون، جڏهن هڪ طرف کان ڳالهين جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي ته هاڻ اسان ڪنهن سان ڳالهيون ڪريون، ڇا اسان انهي ڪمري ۾ ويهي ڀتين سان ڳالهيون ڪريون؟ هن چيو ته ڳالهين ۾ صبر جي ضرورت هوندي آهي، مسئلو اهو آهي ته هنن کي ڳالهين جي طريقي جي خبر نه آهي، هي ٻارن جي راند ناهي ته اوهان هڪ ڏينهن چئو ٿا ته ڳالهيون ناهن ڪرڻيون، ٻئي ڏينهن ڪو ٻيو بيان ڏيو ٿا. عرفان صديقي چيو ته معاملو اهو آهي ته جيل جو ڦاٽڪ کلي ٿو، اوچتو ڪو صاحب اعلان ڪري ٿو ته ڳالهيون نه ٿينديون، هنن جي ڳالهين واري ڪميٽي کي خبر ئي ناهي هوندي، هي ٻارن جي راند ناهي، پي ٽي آءِ وارا هاڻ اگر مگر مان نڪرن، جيڪو طئي ٿيو هو ته 28 تاريخ تي ويهنداسين، ته اچو، ويهو ۽ اسان جون به ڳالهيون ٻڌو. حڪومتي ڪميٽي جي ترجمان چيو ته بيرسٽر گوهر ڳالهين واري ڪميٽي جو ميمبر ناهي، هو پنهنجي ڪميٽي کي چوي ته جيڪو واعدو ڪيو هو انهي موجب اجلاس ۾ وڃي ويهن، اچو ۽ اسان جو جواب ٻڌو، اسان هنن جي اهڙي راند جو حصو نٿا بڻجي سگهون جنهن ۾ ڪوبه يقين نه آهي، روڊ تي بيهي نٿو چئي سگهجي ته ڳالهيون ختم ٿي ويون آهن. هن چيو ته اگر مگر مان نڪرو، 7 ڏينهن جي ڳالهه ٿي هئي انهي تي اچو، اوهان 28 جنوري تي اسان سان گڏ ويهو، ڪميشن بڻجي ٿو يا نه اسان سان گڏ ويهي جواب ٻڌو، پي ٽي آءِ وارا اسان جو جواب ٻڌڻ نٿا چاهين، اسان پي ٽي آءِ وارن جي ڊيمانڊ تي جواب تيار ڪري ورتو آهي، پي ٽي آءِ وارن اسان جي جواب لاءِ اڳ ئي ذهن ٺاهي ورتو آهي، اسان کي ته هن وقت پاڻ خبر ناهي ته جواب ۾ ڇا لکڻو آهي. پيڪا ايڪٽ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي عرفان صديقي چيو ته پيڪا ايڪٽ تي اطلاعات وارو وزير چئي رهيو آهي ته ورڪنگ جرنلسٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، محنت ۽ ڪوشش ڪري انهي هنڌ تائين پهچندڙن کي ڪير به نقصان نٿو پهچائي سگهي، جيڪي ماڻهو ورڪنگ جرنلسٽس جو ڪوڙو ڊرامو ڪري رهيا آهن اصل ۾ اهي صحافي نه آهن.