پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن تي 15 آگسٽ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي 15 آگسٽ تائين انٽرا پارٽي پولنگ تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جو وڪيل بيرسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ جواب داخل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت گهري ورتي بئريسٽر گوهر چيو ته کيس اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اهم ڪيس ۾ پيش ٿيڻو آهي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏئي ڇڏي، 15 آگسٽ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ واري معاملي تي تحريڪ انصاف کي نوٽيس جاري ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي 4 آگسٽ تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون 13 جون 2021 تي ٿيڻيون هيون، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. آخري نوٽيس جون 2022 تي جاري ڪيو ويو، وڌيڪ واڌ نه ٿيندي. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ترميم ٿيل آئين جي ڪاپي جمع ڪرائي هئي جيڪا ڪافي نه هئي.