پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي پارٽي چيئرمين عمران خان خلاف اٽڪ جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي خلاف اٽڪ جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي قبول نه آهي اڳوڻي وزيراعظم کي آزادانه ۽ منصفاڻي ٽرائيل کان محروم ڪيو پيو وڃي پڌرائي موجب جيل جي ڳجهي ٽرائيل کي عدالت ۾ چيلينج ڪري چڪا آهيون ان ڪري عدالت فوري طور تي هن ڪيس جي ٻڌڻي ڪري
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها حقيقت آهي ته سائفر پنهنجي اصلي حالت ۾ اڄ به پرڏيهي آفيس ۾ موجود آهي. سائفر کي وفاقي ڪابينه ڊي ڪلاسيفائي ڪيو جنهن کان پوءِ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ لاڳو نٿو ٿئي