تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هو جمهوريت ۽ انساني حقن جي دفاع لاءِ پرعزم سمورن ماڻهن کي دعوت ڏئي ٿو ته هو ظلم خلاف جنگ ۾ اسان سان گڏ هجن.سلمان اڪرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ جو باني اڄ عزم ۽ آزادي جي علامت آهي، پي ٽي آءِ اڄ پنهنجي احتجاج جي ايندڙ ۽ فيصلي واري مرحلي جو اعلان ڪندي.ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي ٻيهر اجلاسن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايندڙ مهيني ٽن صوبن ۾ اجلاس ٿيندا.پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان پهرين نومبر تي پشاور ۽ 8 نومبر تي ڪوئيٽا ۾ ريلي ڪئي ويندي، جڏهن ته نومبر جي ٽئين هفتي ڪراچي ۾ ريلي ڪئي ويندي.سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا به ڪوئيٽا جو دورو ڪندو.