لاهور: جيل ڀريو تحريڪ دوران گرفتار اڳواڻن جي بازيابي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ تي پنجاب حڪومت گرفتاريون ڏيندڙن پي ٽي آءِ اڳواڻن بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.پنجاب حڪومت جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ اعظم سواتي سميت 9 اڳواڻن کي 30 ڏينهن جي لاءِ مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر(ايم پي او) جي تحت نظر بند ڪيو ويو آهي.پنجاب حڪومت جي وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ 77 ماڻهن کي نظر بند ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر لاهور نظربندي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.