پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار

تحريڪ انصاف: جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ضمانت ملڻ جي باوجود گرفتاري جي ڊپ کان حليم عادل شيخ وڪيلن سميت چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عدالت پهتو حيدرآباد جي اينٽي ڪرپشن ٽيم طرفان حليم عادل شيخ جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا جنهن کي معطل ڪرائڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر پنهنجي وڪيلن سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتو هو حليم عادل شيخ وڏي وقت تائين غائب رهڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتو ته پوليس جا اٽالا به کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ پهچي ويا حليم عادل شيخ جي وڪيل ايڊووڪيٽ عبدالوهاب بلوچ چيو ته حليم عادل شيخ سمورن ڪيسز ۾ ضمانت تي آهي پر ان جي باوجود پوليس کيس گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته درخواست داخل ڪريو اسان حڪم جاري ڪنداسين اوهان حفاظتي ضمانت جي لاءِ ڪا درخواست داخل ڪئي آهي ايڊووڪيٽ عبدالوهاب بلوچ چيو ته درخواست داخل ڪئي آهي ان تي حڪم به جاري ٿي چڪو آهي پر ان باوجود پوليس اهلڪار منهنجي موڪل کي گرفتار ڪرڻ آيا آهن جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اوهان درخواست داخل ڪريو پوءِ ڏسون ٿا جنهن کان پوءِ پوليس حليم عادل شيخ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ۽ کيس موبائيل ۾ ويهاري پاڻ سان گڏ کڻي ويا گرفتاري کان پوءِ پوليس طرفان ٻڌايو ويو ته حليم عادل شيخ کي 9 مئي تي ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي ياد رهي ته حليم عادل شيخ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جو صدر آهي ۽ هو تازو ئي ٽٽندڙ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ به هو