پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ عمران اسماعيل، علي زيدي ۽ اسد عمر کي غدار قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته عمران اسماعيل، علي زيدي ۽ اسد عمر بابت اسان  وٽ ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿيون آهن. جيڪڏهن اهي غداري نه ڪن ها ته پي ٽي آءِ باني اڄ جيل ۾ قيد نه هجي ها.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي حليم  عادل شيخ چيو ته في الحال اهڙن غدارن لاءِ پارٽي ۾ ڪنهن به قسم جي گنجائش نه آهي. پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر چيو ته 8 فيبروري جي رات اهوئي سمجهيو پئي ويو ته تحريڪ انصاف ختم ٿي وئي آهي. هن چيو ته جنهن پارٽي سان غداري ڪئي انهي پي ٽي آءِ باني چيئرمين سان غداري ڪئي آهي. اهي ماڻهو جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني سان غداري نه ڪن ها ته شايد اهو اڄ جيل ۾ نه هجي ها.