پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جي پارٽي رڪنيت ختم، نوٽيفڪيشن جاري

پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جي پارٽي رڪنيت ختم ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري فردوس شميم نقوي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سنگين ڀڃڪڙين تي شير افضل مروت جي پارٽي رڪنيت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ شير افضل مروت کي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ ڇڏڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ باني شير افضل مروت جي بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته ان کان اڳ 12 جولاءِ تي اڊيالا جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني شير افضل مروت جي بنيادي پارٽي رڪنيت به معطل ڪئي وئي هئي. پي ٽي آءِ جي باني پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ پارٽي قيادت کي اختيار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ پارٽي ڊسپلن جي ڀڃڪڙي تي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي هئي.