پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان شعيب شاهين اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي گرفتاري جي ذميواري پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريز جي سربراهه پرويز خٽڪ مٿان وجهي ڇڏي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي شعيب شاهين چيو ته مون کي اسد قيصر پاڻ پرويز خٽڪ جي ڪردار بابت ٻڌايو هو شعيب شاهين چيو ته اسد قيصر پرويز خٽڪ جي هڪ مخالف کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايو هو ان لاءِ اسد قيصر جي معلومات موجب پرويز خٽڪ جو ان جي گرفتاري ۾ ڪردار آهي ياد رهي ته اسد قيصر کي 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد جي علائقي بني گالا ۾ سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو هو ۽ کيس گذريل ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو جتي عدالت کيس جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم جاري ڪيا هئا.