پي ٽي آءِ جا 6 اڳواڻ اڊيالا کان شاهپور جيل منتقل

راولپنڊي: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتار پي ٽي آءِ جي 6 اڳواڻن کي اڊيالا جيل کان شاهپور جيل منتقل ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻن جي هڪ مهيني جي نظربندي جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن. شاهپور جيل منتقل ٿيلن ۾ ذوالفي بخاري، فياض الحسن چوهاڻ، صداقت علي عباسي، اعجاز خان، لطافت ستي ۽ اڳوڻو پنجاب اسيمبلي ميمبر چوڌري ساجد محمود به شامل آهي.جيل ڀيريو تحريڪ جي منتظم اعجاز چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته پشاور ۾ به هزارين ماڻهو گرفتاريون ڏيڻ لاءِ نڪتا هئا پر ڪنهن به کين گرفتار نه ڪيو.ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اربع 22 فيبروري کان جيل ڀريو تحريڪ لاهور کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.