پي ٽي آءِ جو احتجاج ختم، اسلام آباد ۾ صورتحال معمول تي اچڻ لڳي، موٽرويز کلي ويا

 پي ٽي آءِ جو احتجاج ختم ٿيڻ کان پوءِ وفاقي راڄڌاني ۾ صورتحال معمول تي اچڻ لڳي. تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران 4 ڏينهن کان بند موٽرويز کي هر طرح جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. موٽر وي اختيارين موجب موٽر وي ايم 2 اسلام آباد کان لاهور، اسلام آباد کان پشاور، موٽر وي ايم ون، لاهور سيالڪوٽ، ايم 3، ايم 4 ۽ ايم 5 موٽرويز هر طرح جي ٽريفڪ لاءِ کوليون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان ميمڻ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرز کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته سمورا  بند رستا فوري طور تي کوليا وڃن ۽ سمورن روڊن تي صفائي جا انتظام يقيني بنايا وڃن. ٻئي طرف ضلعي انتظاميه طرفان پيٽرول پمپ کولڻ جي  اڃان تائين اجازت نه ڏني وئي آهي. گهرو وزير محسن نقوي شرپسندن کان ڪليئر ڪرايل علائقن جو جائزو ورتو ۽ روڊن جي فوري صفائي ۽ رنڊڪون هٽائڻ جو حڪم ڏنو.