پي ٽي آءِ جي 24 نومبر تي احتجاج کي روڪڻ لاءِ پنجاب حڪومت حرڪت ۾ اچي وئي آهي. رستن جي بندش لاءِ راولپنڊي ۾ ڪنٽينرز لڳائڻ شروع ٿي ويا. احتجاج کي ناڪام بنائڻ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي روڪڻ لاءِ فواره چوڪ ۽ لياقت روڊ تي ڪنٽينرز پهچايا ويا آهن. لياقت روڊ تي چرچ ڀرسان روڊ جي سائيڊ تي هڪ ٻيو فواره چوڪ پارڪنگ پلازه جي سائيڊ تي 2 ڪنٽينرز رکيا ويا آهن. حڪومت طرفان پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته وڌيڪ ڪنٽينرز کي شهر جي مرڪزي روڊن ۽ رستن تي پهچايو پيو وڃي. هن وقت ڪنٽينرز کي روڊن جي سائيڊن تي رکيو ويندو. راولپنڊي پوليس راولپنڊي جي 47 هنڌن کي سيلنگ جو فيصلو به ڪري رکيو آهي. جڏهن ته ڪينٽ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ 34 هنڌن تي پوليس پڪٽس به قائم ڪيون وينديون. گڏيل طور تي ساڍا چار هزار کان وڌيڪ نفري 24 نومبر تي امن امان قائم رکڻ لاءِ ڊيوٽي سرانجام ڏيندي. ٻئي طرف سينٽرل جيل اڊيالا ۽ اڊيالا روڊ تي سيڪيورٽي جا خصوصي انتظام ڪيا پيا وڃن. اڊيالا روڊ کي به مختلف هنڌن کان سيل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. راولپنڊي شهر ۽ ڪينٽ جي اهم ٺڪاڻن تي سخت سيڪيورٽي پوليس ڪمانڊوز کي مقرر ڪيو ويو آهي. پوليس جي سينئر آفيسرن موجب شهر جي سيڪيورٽي ۽ امن امان کي قائم رکڻ لاءِ هر ممڪن حد تائين انتظام يقيني بنايا پيا وڃن. راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب شهر ۾ هر قسم جي جلسي، جلوس، ريلين ۽ چار کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي به پابندي هوندي.