پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ ترنول ۾ شيڊول جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي انتظاميه طرفان اجازت نه ملڻ جي باجود اڄ ترنول ۾ هر صورت ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري رکيو هو جڏهن ته مقامي انتظاميه طرفان به پي ٽي آءِ جي جلسي کي روڪڻ جي لاءِ جڳهه جڳهه تي ڪنٽينر لڳائي رستي بلاڪ ڪيا ويا آهن. هاڻ پاڪسان تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي جيل مان جاري ڪيل هدايتن موجب اڄ جي جلسي جي تاريخ تبديل ڪئي پئي وڃي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته رپورٽون آهن ته حڪومت انهي جلسي جي آڙ ۾ انتشار پکيڙڻ جي سازش ڪري رهي آهي. عمران خان طرفان سمورن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جلسي جي تياري جاري رکن، عوام ۾ نڪري تحريڪ هلائين، جلسي جي نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. عمر ايوب، اعظم سواتي ۽ بيرسٽر گوهر پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ اڄ جو جلسو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي اسلام آباد جلسي جي تاريخ تبديل ڪئي پئي وڃي، جلسي جي نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته اعظم سواتي جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي هاڻ جلسو 8 يا 9 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. جنهن کان پوءِ اسلام آباد جي انتظاميه پي ٽي آءِ کي 8 سيپٽمبر تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد انتظاميه 22 آگسٽ جي اين او سي مذهبي پارٽين جي احتجاج سبب ملتوي ڪئي. 8 سيپٽمبر تي انتظاميه جلسي کي سيڪيورٽي فراهم ڪندي. ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جلسو ڪندڙ ماڻهو ڪنهن به شهري جي بنيادي حقن کي متاثر نه ڪندا، ماڻهو شام 4 وڳي گڏ ٿيندا ۽ جلسو 7 وڳي ختم ڪرڻو پوندو، جلسو انتظاميه جي ڊيوٽي هوندي، جلسو ختم ڪرڻ کان پوءِ ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪيو ويندو، 8 سيپٽمبر تي ڪارڪنن کي جلسي گاهه ۾ ويهڻ جي اجازت نه هوندي.