ن ليگ : جي سينيئر اڳواڻ ۽ وفاقي وزير احسن اقبال پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيڪا تڪليف برداشت ڪري رهيو آهي، اها رسوائي آهي. هن چيو ته عمران خان چوندو هو ته نوازشريف کي عام جيل ۾ رکندو، اڄ هو پنهنجن ڪمن جي پڪڙ ۾ آهي، جيڪي هن ٻين سان ڪيا، اهو ئي هن سان ٿي رهيو آهي. خانگي ٽي وي چينل اي آر وائي نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن اسان نئين آدمشماري تحت چونڊون نه ڪرايون ها ته سي سي آءِ جي فيصلي جي نفي ٿئي ها، سي سي آءِ جي فيصلي موجب آدمشماري جو نوٽيفڪيشن ڏنو آهي احسن اقبال چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ توشه خاني جي حوالي سان ٺڳي ڪئي آهي، جنهن شخص کي تحفو وڪرو ڪيو ويو اهو چوي ته اهو مون کي ناهي وڪرو ڪيو ويو، چيئرمين پي ٽي آءِ پاران جمع ڪرايل رسيدون به جعلي نڪتيون، قانون سڀني لاءِ برابر آهي. سڀئي چيڪ لاڳو ڪيا ويندا. هن چيو ته توشه خاني ڪيس کان به وڏو ڪيس 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل آهي، چيئرمين پي ٽي آءِ اسڪينڊل ۾ پاڪستان جا 60 ارب رپيا کائي ويا، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ قومي سلامتي کي نقصان پهچايو.