پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر علي نواز اعواڻ به استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي

اسلام آباد مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر علي نواز اعوان به استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي لاهور ۾ علي نواز اعواڻ استحڪام پاڪستان پارٽي جي پيٽرن ان چيف جهانگير ترين ۽ مرڪزي صدر عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قيادت تي مڪمل ڀروسي جو اظهار ڪندي علي نواز اعواڻ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو جهانگير ترين ۽ عليم خان علي نواز اعواڻ کي استحڪام پاڪستان ۾ شموليت تي ڀليڪار چيو. ان موقي تي علي نواز اعواڻ چيو ته ملڪ پهريان آهي پوءِ سياست آهي. انشاءَالله استحڪام پاڪستان جي پليٽ فارم تان تڪ جي عوام جي وڌ کان وڌي خدمت ڪندس ٻئي پاسي اڳوڻو صوبائي وزير سردار آصف نڪئي به آءِ پي پي ۾ شامل ٿي ويو آهي. سردار آصف نڪئي جهانگير ترين ۽ عليم خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عون چوڌري، صمصام بخاري، نعمان لنگڙيال ۽ ٻيا به شامل هئا.