پي ٽي آءِ جي اڳوڻي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي کي دبئي وڃڻ کان ايف آءِ اي روڪي ڇڏيو آهي ذريعن موجب وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) شوڪت يوسفزئي کي پشاور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو آهي. شوڪت يوسفزئي نجي ايئرلائين ذريعي پشاور کان پرڏيهه(دبئي) وڃي هيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ کان پڇاڳاڇا جو عمل جاري آهي هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته مون کي باچا خان ايئرپورٽ تي روڪيو ويو آهي. خبر ناهي ڇو ۽ ڇاجي لاءِ مون کي گرفتار ڪري ويهاريو ويو آهي هن چيو ته مان عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب وڃي رهيو هئس. بورڊنگ پاس ۽ ڪليئرنگ ملڻ کان پوءِ ڇو روڪيو ويو؟ مون کان بورڊنگ پاس به ورتو ويو آهي منهنجو نالو نه اي سي ايل ۾ آهي نه ئي منهنجي خلاف ڪا ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي. شوڪت يوسفزئي چيو ته مون سياست ۾ هميشه ادارن جو احترام ڪيو آهي.