تفصيل موجب 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ احتساب عدالت جي جج کي هڪ ڀيرو ٻيهر منتقل ڪيو ويو. ناصر جاويد رانا کي احتساب عدالت نمبر 1 ۾ جج نامزد ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي باني ۽ سندس گهرواري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت نمبر 1 ۾ ٿي رهي آهي. اشتهار – چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيترن ئي ججن جي نامزدگين جي به منظوري ڏني، جنهن ۾ ايڊيشنل سيشن جج عابده سجاد کي احتساب عدالت نمبر 3، ايڊيشنل سيشن جج سڪندر خان کي بينڪنگ ڪورٽ جي مقرري لاءِ نامزد ڪيو ويو. هاءِ ڪورٽ ججن جا نالا قانون واري وزارت کي موڪلي ڇڏيا، جنهن کانپوءِ قانون واري وزارت احتساب عدالت نمبر ون جي جج ناصر جاويد رانا جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. قانون واري وزارت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ناصر جاويد رانا کي 3 سالن لاءِ جج مقرر ڪيو ويو، ان کان اڳ جج محمد علي وڑائچ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو هو. واضح رهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ اڊيالا جيل ۾ ٿيندي، ڪيس جي ٻڌڻي جج ناصر جاويد رانا ڪندو. احتساب عدالت جو جج ناصر جاويد اڊيالا جيل پهچي ويو، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشري بي بي کي عدالت ۾ آندو ويندو. جاچ آفيسر جي بيان تي وڪيل جرح مڪمل ڪندا، ريفرنس ۾ 35 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 34 ڄڻن تي جرح مڪمل ڪئي وئي آهي.