پي ٽي آءِ حڪومت سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جو مشروط اشارو ڏئي ڇڏيو

 پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته اسان ڳالهين جي لاءِ ٻيهر غور ڪريون ٿا پر حڪومت ڪميشن جو اعلان ڪري. پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين جي  عمل کي في الحال روڪڻ جو چيو آهي. اسان کلي دل سان ڳالهين لاءِ ويٺل هئاسين، اسان صرف 2 مطالبا رکيا هئا، 7 ڏينهن ڪافي هئا ڪميشن لاءِ پر ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي. هن چيو ته ڪميشن جي اعلان لاءِ 7 ڏينهن به ڪافي هئا، اسان ٻيهر شروع ڪريون ٿا پر حڪومت فوري طور تي ڪميشن جو اعلان ڪري. بيرسٽر گوهر چيو ته اڄ جي قانونسازي جي حمايت نه ڪنداسين حڪومت پنهنجي ايجنڊا تي 8 قانون رکيا آهن. هڪ 2021 جو قانون آهي، پنج 2023 جا ۽ 2 2024 کان پيل آهن. 2021 وارو قانون هن وقت پاس نٿو ٿي سگهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو هو ته عمران خان  حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. حڪومت سان ڳالهين جو چوٿون دور هاڻ نه ٿيندو. بيرسٽر گوهر جي اعلان تي رد عمل ڏيندي حڪومتي ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو هو ته پي ٽي آءِ کي مطالبا پيش ڪرڻ ۾ 42 ڏينهن لڳا، پر هاڻ هي اسان کان 7 ڏينهن ۾ جواب گهري رهيا آهن، ورڪنگ جا ڏينهن به اڱاري تي پورا ٿيندا.، پي ٽي آءِ طرفان ڳالهين جو سلسلو بند ڪرڻ افسوسناڪ آهي.