تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر وزيراعظم شهباز شريف جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر علي ظفر چيو ته احتجاج ڪندڙ ميمبرن کي پارليامينٽ جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. علي ظفر وزيراعظم شهباز شريف جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هي جمهوريت، آئين ۽ احتجاج جي آزادي جي تابوت ۾ آخري کيل آهي، انقلاب لاءِ تيار ٿي وڃو.