پي ٽي آءِ شير افضل مروت کي هڪ دفعو ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

 پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان پارٽي اڳواڻ شير افضل مروت کي هڪ دفعو ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب شير افضل مروت طرفان پارٽي پاليسي جي خلاف بيان بازي سبب پي ٽي آءِ شير افضل مروت کي هڪ دفعو ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيس جي ذريعي شير افضل مروت کان پارٽي پاليسي جي خلاف بيان ڏيڻ تي جواب طلب ڪيو ويو آهي ۽ جواب ڏيڻ تائين ميڊيا تي پارٽي جي نمائندگي کان به روڪي ڇڏيو آهي. شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس بابت ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل پي ٽي آءِ فردوس شميم نقوي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. عمران خان جي هدايت تي شير افضل مروت کي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اوهان پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. شير افضل مروت بنا سوچڻ سمجهڻ جي بيان جاري ڪيا آهن. اوهان هاڻ 7 ڏينهن جي اندر پنهنجو جواب جمع ڪرايو انهي دوران اوهان ميڊيا تي يا ڪنهن ٽاڪ شوڪ ۾ شرڪت نه ڪندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت پارٽي ۾ اختلافن جي حوالي سان خاموشي ختم ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن منهنجي خلاف ڪير ڳالهائيندو ته اهو مون کان خاموش رهڻ جي اميد نه رکي.