پي ٽي آءِ قافلو بشريٰ بي بي جي اڳواڻي ۾ زيرو پوائنٽ پهچي ويو، پوليس جي شيلنگ، ڪارڪنن جو پٿراءُ

 پي ٽي آءِ باني جي گهر واري بشريٰ بي بي جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جو قافلو زيرو پوائنٽ پهچي ويو جتان کان ڊي چوڪ طرف روان دوان آهي.رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي ٻڌل قافلو هاڻ اسلام آباد جي زيرو پوائنٽ واري هنڌ تي پهچي چڪو آهي جنهن کان پوءِ هاڻ ڊي چوڪ طرف اڳيان وڌي رهيو آهي. انهي کان اڳ تحريڪ انصاف جو قافلو جي 11 ۽ جي 9 مان گذريو جتي پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ ٽڪراءُ ٿيو جڏهن ته انهي وقت به ٻنهي طرفن کان هڪ ٻئي تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ جاري آهي پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان پوليس تي پٿراءُ به ڪيو پيو وڃي. تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران انتشار کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي راڄڌاني ۾ فوج طلب ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت اسلام آباد ۾ فوج جي طلبي جو  نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب آرٽيڪل 245 جي تحت پاڪ فوج کي گهرايو ويو آهي ۽ واضح ڪيو ويو آهي ته قانون ٽوڙيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. نوٽيفڪيشن موجب آرمي کي ڪنهن به علائقي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ڪرفيو لڳائڻ جا اختيار به ڏنا ويا آهن. ذريعن موجب سيڪيورٽي ادارن کي انتشار پکيڙيندڙن کي موقعي تي گولي هڻڻ جا واضح حڪم ڏنا ويا آهن. اسلام آباد جي اهم عمارتن تي رينجرز جڏهن ته ڊي چوڪ ۾ فوجي دستا مقرر آهن. ڪارڪنن تي ڪيل ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شلنگ جا اثر آبپاره چوڪ پهچي ويا آهن جنهن سبب آبپاره مارڪيٽ جون دوڪانون به بند ڪيون ويون آهن. حالتون ڇڪتاڻ واريون ٿيڻ تي راولپنڊي پوليس مان وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ شروعاتي طور تي هڪ هزار پوليس اهلڪار اسلام آباد روانا ٿي ويا.