پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر زرتاج گل کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ سامهون اچي وئي آهي. زرتاج گل جي وڪيل فدا حسين طرفان چيو ويو آهي ته زرتاج گل کي گذريل شام ان جي رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو. زرتاج گل کي ٿري ايم پي او جي تحت سينٽرل جيل ڊي جي خان منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جي حوالي سان به تڪراري خبرون سامهون آيون هيون. ڪي پي ڪي حڪومت جي صلاحڪار بيرسٽر سيف دعويٰ ڪئي آهي ته رينجرز علي امين گنڊاپور کي ڪي پي هائوس اسلام آباد مان گرفتار ڪري گڏ کڻي کئي وئي آهي جڏهن ته علي امين گڻڊاپور جي ڀاءُ به هڪ بيان ۾ چيو هو ته علي گنڊا پور سان ڇنڇر جي صبح کان ڪوبه رابطو نه ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف گهرو وارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جي دعوائن کي غلط قرار ڏيندي چيو هو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي نه ته گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي انهي کي ڪي پي هائوس اسلام آباد ۾ نظر بند ڪيو ويو آهي.