تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان ڏنل فيصلي تي خوشي ٿي آهي. بيرسٽر گوهر صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي، اهو پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائيندڙن لاءِ وڏو سبق آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ سڀني کان وڏي سياسي پارٽي بڻجي وئي آهي. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي 39 قومي اسيمبلي ميمبرن جا نوٽيفڪيشن ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 12 جولاءِ جي فيصلي جي روشني ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا.