بلاول ڀٽو جي تقرير تي رد عمل ڏيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ واپس ايندي، الله اوهان کي خوش رکي، پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته ڪهڙي اپوزيشن ان کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو؟ جنهن جو نمائندو توهان جو پنهنجو راجا رياض آهي؟. توهان ڪهڙي روايتي سياست ختم ڪندا جنهن سبب توهان چيئرمين پيدا ٿيا آهيو بئريسٽر سيف الله چيو ته الله پاڪستان کي موروثي جي عذاب کان بچائي، جنهن جي اڳواڻي بلاول ڀٽو ۽ مريم صفدر ڪري رهيا آهن، مسٽر ٽين پرسنٽ جي پٽ جي وات مان ڪرپشن خلاف لفظ شرم جوڳو آهن، پاڪستان جي مسئلن جو سبب ڦرلٽ آهي. آصف زرداري ۽ نوازشريف ڌانڌلي ۽ ڪرپشن ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي گرفتاري سزا نه پر ڪرپٽ حڪومت جو انتقام آهي واضح رهي ته پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته اسان کي اپوزيشن پارٽي ملي جنهن کي جمهوريت يا آئين جي پرواهه ناهي، لڳي ٿو اپوزيشن ڪو سبق نه سکي رهي آهي. سياست جو انداز ساڳيو آهي، سندن سياست جو انداز آهي ته مان کيڏندس يا نه کيڏندس، مخالف ڌر جي به ذميواري آهي ته پنهنجو رويو درست ڪري پرڏيهي وزير چيو ته مخالف ڌر ڪو سبق ناهي سکيو، سڀني کي صورتحال ۾ مفاهمت جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، تحريڪ انصاف ۽ ادارن کي چارٽر آف ڊيموڪريسي قبول ڪرڻي پوندي يا ڳالهين جو حصو بڻجڻو پوندو. هن چيو ته هاڻي اسان چونڊن طرف وڌي رهيا آهيون، راندين جا ضابطا پاڻ ۾ طئي ڪرڻا آهن، پ پ جو موقف آهي ته نئين نه پر پراڻي چارٽر آف ڊيموڪريسي تي ويهڻ گهرجي، منهنجي اپيل هئي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف کي گهرجي ته اهڙا فيصلا ڪن جيڪي مستقبل ۾ منهنجي ۽ مريم جي سياست کي آسان بڻائي سگهن هن وڌيڪ چيو ته هن حڪومت اهڙيون ريڊ لائينون ڪراس ڪيون آهن جو ڪنهن جو تصور به نه هوندو هو، جڏهن آمرن جي مخالفت ۾ هئاسين تڏهن به اسان ريڊ لائين پار نه ڪئي هئي.