پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان ڪيس تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪندي حڪم امتناع واپس وٺي ڇڏيو پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز خان عدالتي فيصلي جي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل ۽ تحريڪ انصاف جو سينئر وڪيل قاضي انور ايڊووڪيت عدالت ۾ پيش ٿيا ٻڌڻي جي شروعات تي پي ٽي آءِ جي وڪيل قاضي انور سوال ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف عدالت اچي سگهي ٿو؟ انهن جي رٽ صحيح نه آهي. 26 ڊسمبر تي فيصلو آيو ان تي اڃان تائين عمل نه ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن اڃان تائين ويب سائيٽ تي انٽرا پارٽي چونڊ سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيو آهي جسٽس اعجاز پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان جي طرفان ڪو توهين عدالت ڪيس آيو؟ جنهن تي قاضي انور چيو ته اسان جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا اليڪشن ڪميشن ڇا ڪيو؟ اليڪشن ڪميشن کي ويب سائيٽ تي سرٽيفڪيٽ رکڻ سان ڪهڙو مسئلو آهي. هڪ پارٽي کي سائيڊ تي ڪرڻ اليڪشن ڪميشن ۽ جمهوريت لاءِ صحيح نه آهي. اليڪشن ڪميشن کي هڪ سياسي پارٽي جي خلاف استعمال ڪرڻ نه گهرجي ها. اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن طرفان 26 ڊسمبر تي ٻڌڻي کان سواءِ عدالت جي حڪم تي حڪم امتناع جاري ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو عدالت ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل منظور ڪئي ۽ اليڪشن ڪميشن جو 22 ڊسمبر جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو عدالت پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان ڪيس تي پنهنجو حڪم امتناع واپس وٺي ڇڏيو جنهن سان پي ٽي آءِ کان هڪ دفعو ٻيهر بيٽ جو نشان واپس ڦرجي ويو ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ڪالعدم ڪيو هو جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان ڦرجي ويو هو پر تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي تحريڪ انصاف کي چونڊ نشان بيٽ کي بحال ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ساڳئي عدالت ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي هئي.