قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته مذاڪتي ڪميٽين جو اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ اپوزيشن يا حڪومت مان ڪنهن به رابطو نه ڪيو آهي. رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين واري ڪميٽي جي عمران خان سان ملاقات حڪومت کي ڪرائڻي آهي اها منهنجي ذميواري نه آهي. اياز صادق چيو ته ڌريون جڏهن چونديون، هڪ يا ٻن ڏينهن جي نوٽيس تي اجلاس گهرائڻ جي لاءِ تيار آهيان. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 4 جنوري تي اسد قيصر سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي جنهن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو مطالبو حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله ۽ حڪومت جي ٻين اڳواڻن سان به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. ياد رهي ته انهي کان اڳ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو هو ته اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ باني سان ان جي پارٽي اڳواڻن جي ملاقات قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي پرڏيهه هجڻ سبب نه ٿي سگهي آهي. وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله گذريل ڏينهن چيو هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي سيڪيورٽي يا صحت جي مسئلن سبب ٻئي هنڌ منتقل ڪري سگهجي ٿو. اڄ صبح سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو هو ته عمران خان جي آزادي لاءِ ڪوبه دٻاءُ نه آهي، پي ٽي آءِ جو ملڪ کي نقصان پهچائڻ جو هر طريقو ناڪام ٿيو، معاشي اشارا بهتر ٿي رهيا آهن. خواجه آصف واضح چئي ڇڏيو هو ته حڪومت طرفان عمران خان کي جيل مان بني گالا يا ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي ڪابه آڇ نه ڪئي وئي آهي، انهي حوالي سان پي ٽي آءِ جي دعويٰ ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي.