قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده قيادت ۾ تحريڪ هلائڻ جي صلاحيت موجود نه آهي، عمران خان طرفان ڏنل 5 آگسٽ جي تاريخ به گذري ويندي نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت چيو ته جن ماڻهن جي پهچ عمران خان تائين آهي اهي عمران خان جي قيد جو فائدو وٺي پارٽي تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري پارٽي ۾ تمام گهڻي ورهاست ٿي چڪي آهي هن چيو ته عمران خان 5 آگسٽ جو چيو هو پر مرڪزي قيادت 90 ڏينهن جي ڳالهه ڪئي اهو صاف انڪار آهي، پارٽي ۾ تحريڪ هلائڻ جي صلاحيت موجود نه آهي تحريڪ هلائڻ جي به ڪوشش نه ڪئي ويندي، هاڻ 5 آگسٽ به گذري ويندي. شير افضل مروت چيو ته هڪ ڌڙو جنهن جي سربراهي جي ڪوشش عليمه خان ڪري رهي آهي انهي جي ڪوشش اها رهي آهي ته پارٽي جا جيترا به عهديدار آهن اهي انهن سان ويهن. بجاءِ ماڻهن کي قائل ڪري محبت سان آندو وڃي. ٻيو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي ان تي دٻاءُ وڌو ويندو آهي يا الزام تراشي ڪئي ويندي آهي جنهن جي ڪري رد عمل ايندو آهي هن پنهنجون ڳالهيون جاري رکندي چيو ته علي امين گنڊاپور خيبرپختونخواهه جو سربراهه آهي پر پوءِ به جنيد اڪبر کي سامهون آندو ويو ته جيئن علي امين جو اثر رسوخ گهٽ ٿي سگهي. حالانڪه اهو ضروري هو ته ٻنهي سان گڏ ويهي هم آهنگي آندي وڃي پر اهي ٻئي اڃان تائين مختلف جڳهين تي بيٺل آهن قومي اسيمبلي جي ميمبر چيو ته اهڙين حالتن ۾ پارٽي ڪنهن به قسم جي تحريڪ هلائڻ جي قابل نه آهي، جيترا ورڪر آهن اهي اهڙي طرح سوچين ٿا جيئن عمران خان چاهي ٿو، ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي عمران خان جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر انهن وٽ ڪوبه طريقيڪار موجود نه آهي. موجوده پارٽي قيادت انهن جي سامهون اچي ويندي آهي.