پي ٽي اے پاڪستان ۾ غير رجسٽرڊ وي پي اينز بلاڪ ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو.

پاکستان ٽيلي ڪام اٿارٽي (پي ٽي اي) ملڪ ۾ غير رجسٽرڊ وي پي اينز بلاڪ ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب، پي ٽي اي جو اهو فيصلو وي پي اين جي وائٽ لسٽنگ جي عمل کي موثر بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.ذريعن مطابق، غير رجسٽرڊ وي پي اين سيڪيورٽي رسڪ پيدا ڪري سگهن ٿا، جتي حساس ڊيٽا تائين غيرقانوني رسائي ٿي سگهي ٿي، ۽ اهڙن وي پي اينز ذريعي غيرقانوني مواد تائين پڻ پهچ حاصل ٿي سگهي ٿي.پي ٽي اي 2010 ۾ وي پي اين رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو، جنهن دوران هينئر تائين 20,500 وي پي اين رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 1,322 کان وڌيڪ ڪمپنيون پنهنجي وي پي اين رجسٽر ڪرائي چڪيون آهن.