پنجاب اسيمبلي جي سيٽ پي پي 149 جي پولنگ اسٽيشن 127 تي پرزائيڊنگ آفيسر پولنگ ايجنٽن کان وقت کان اڳ ئي فارم 45 تي صحيحون ڪرائي ڇڏيون.سني اتحاد ڪائونسل جي ڪارڪنن طرفان پولنگ اسٽيشن تي احتجاج ڪيو ويو. ڪارڪنن چيو ته فارم تي اڳ ئي صحيحون ڇو ڪرايون ويون آهن، اها ڌانڌلي آهي، احتجاج ڪندي ڪارڪنن نعريبازي ڪئي ۽ مطالبي تي پرزائيڊنگ آفيسر به اعتراف ڪري ورتو.پرزائيڊنگ آفيسر اقبال چيو ته شام جو وقت گهٽ هوندو آهي ان لاءِ فارم تي صحيحون وقت کي بچائڻ جي لاءِ ڪرايون. سني اتحاد ڪونسل جي اڳواڻ چيو ته اها پري پول رگنگ آهي ان ڪري پرزائيڊنگ آفيسر کي گرفتار ڪيو وڃي. احتجاج کان پوءِ پرزائيڊنگ افيسر صحيح ٿيل فارم 45 ڦاڙي ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن پرزائيڊنگ آفيسر طرفان پولنگ ايجنٽس کان فارم 45 تي اڳواٽ صحيح ڪرائڻ جي معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺندي صوبائي اليڪشن پنجاب کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ته جيئن انهي معاملي تي ڪميشن وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهي.