پکو: معمولي ڳالھ تان سيد ۽ پنھور برادري وچ ۾ جھيڙو، 5 ڄڻا زخمي

وڳڻ لڳ ڳوٺ ياروديرو ۾ معمولي ڳالھ تان سيد ۽ پنھور برادري وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھنجي نتيجي ۾ اسماعيل پنھور سندس جو والد، ديدار علي سندس جي ماءُ حاڪم زادي ۽ ڀاءُ يونس پنھور سميت ھڪ ئي گھر جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏھن ته جھيڙي دوران عورتن جا ڪپڙا پڻ ڦاٽي پيا وڳڻ ٿاڻي تي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي پوليس ھڪ جوابدار مبارڪ شاهه کي گرفتار ڪرڻ بعد بااثر جي چوڻ تي ڇڏي ڏنو ڏھن زخمي عورت حاڪم زادي صحافين اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي چيو آھي ته نادرا گاڏي سندن ڳوٺ ۾ ڪارڊ ٺاھڻ آئي جن سان سندس پٽ اسماعيل گڏ ھيو نادرا ٽيم پاران جمع ڪيل ڪارڊ کيس ڏنا ھيا جيڪي سندس پٽ سيد برادري جي ماڻھن کي واپس ڪيا پر ان باوجود به جوابدارن مبارڪ شاهه، شھزادو شاهه، دلبر شاهه ۽ ٻين گلڻ شاهه جي بڇ تي بنا جواز ماڻھو وٺي اسان غريب مسڪينن جي گھر تي حملو ڪري اسان عورتن سميت اسانجي مردن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آھي. جوابدار بااثر آھن انڪري اسانکي ھُنن مان خطرو آھي جڏھن ته اسان جوابدارن خلاف وڳڻ ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي آھي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري ويتر اسانکي ٺاهه لاءِ حراسان ڪيو پيو وڃي هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان گھر ڪئي آھي ته مٿن حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.