ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ پهرين مئي کان لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمت گذريل ٻن هفتن دوران گهٽ ٿيڻ جو رجحان رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ سڀاڻي پهرين مئي کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپيه 4 پئسا في ليٽر تائين گهٽتائي جو امڪان آهي. اهڙي طرح ڊيزل جي قيمت ۾ به 8 روپيه في ليٽر تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. اڄ رات حڪومت طرفان اعلان ۾ گاسليٽ جي قيمت ۾ به 8 روپيه 3 پئسا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. پيٽرول ڊيزل ۽ گاسليٽ سان گڏ لائٽ ڊيزل آئل به 5 روپيه 40 پئسا في ليٽر تائين سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) طرفان اڄ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جي سمري اماڻي ويندي. پر پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت کان پوءِ ڪندي.