پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد  خورشيد احمد  شاهه سول اسپتال سکر جو دورو ڪرڻ کانپوءجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي ايم سي پرنسپل ۽ ايم ايس نوان مقرر ٿيا آھن

پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد  خورشيد احمد  شاهه سول اسپتال سکر جو دورو ڪرڻ کانپوءجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي ايم سي پرنسپل ۽ ايم ايس نوان مقرر ٿيا آھن اميد آھي ته اهي ٽن مهينن ۾ سول اسپتال جي صورتحال ۾ بهتري ايندي هن چيو ته  حڪومت کي ٽف ٽائم مليو ته حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر ٿي ويندي۔حڪومت کي گهٽ ۾ گھٽ ٽي سال لڳندا معيشت کي سڌارڻ ۾ ڊالر جي گهٽجڻ جو امڪان آھي جيڪڏهن زراعت تي ڌيان ڏنو وڃي ته معاشي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت وچ ۾ آفيسرن جي مقرري واري معاملي تي ڪنهن به تڪرار کي چاچا ۽ ڀائٽي جو تڪرار واري سول جي جواب ۾ سيد خورشيد احمد شاھ جو چوڻ هو ته مان نه ٿو سمجهان ته اهو معاملو چاچي ۽ ڀائٽيء جو آھي پر وفاق ۽ پنجاب جو  سمجهان ٿو پنجاب ۽ وفاق گڏجي بهتر ڪم ڪندا پ پ اڳواڻ خورشيد شاھ چيو ته  نگران حڪومت جي اليڪشن ۾ ڌيان نه ڏيڻ سبب امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي  جيستائين سنڌ پوليس کي جديد هٿيار نه ملندا، تيستائين امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿيندي فلسطينين جي حمايت ۾ بيهڻ هر مسلمان جو فرض آهي آمريڪا اسرائيل جي حمايت ۾ منافقاڻو رويو اختيار ڪري رهيو آهي اسرائيل مسلسل مسلمانن کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔