پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ اڳوڻو صوبائي وزير عرفان مگسي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي ويو آهي عرفان گل مگسي ايم ڪيو ايم جي سينئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال سان گڏ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي عرفان گل مگسي چيو ته منهنجو تعلق پيپلز پارٽي سان رهيو آهي ۽ مان صوبائي وزير به رهيو آهيان. پ پ طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي ان دوران صحافين سان ڳالهيون ڪندي مصطفيٰ ڪمال بلاول ڀٽو کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته بلاول ڀٽو اڄ پنجاب کي فتح ڪرڻ جي مهم هلائي رهيو آهي. بلاول لاهور ۾ اهو نٿو چئي سگهي ته هو لاهور کي ڪراچي بنائيندو جن جي ڪارڪردگي ڪجهه نه هجي اهو وزيراعظم بنجڻ جا خواب ڏسي رهيو آهيان مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڊاڪٽر عرفان گل مگسي ايم ڪيو ايم جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو آهي هاڻ سمورا خدشا ختم ٿي چڪا آهن هاڻ چونڊون چاهيون ٿا. چونڊ مهم به شروع ٿي چڪي آهي. بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنجڻ جي لاءِ اسان جي ضرورت پوندي ۽ اسان آئيني ترميمن کان علاوه ٻئي ڪابه ڳالهه نه مڃينداسين.