لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پ پ اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي سان سنڌ تي قابض آهي. منصورا، لاهور ۾ سنڌ جي ميمبرن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام ظالماڻو آهي، ڌاڙيلن کي سردارن جي سرپرستي حاصل آهي. هن چيو ته صوبي ۾ تعليم جي بجيٽ 450 ارب رپيا هجڻ باوجود تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي، استادن جون جعلي ڀرتيون ڪيون ويون آهن ۽ هڪ ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. سندس چوڻ هو ته پ پ سنڌ جي عوام کي بنيادي ضرورتن کان محروم رکيو آهي، ادارا جواب ڏين ته ڪرپٽ ماڻهن کي عوام تي ڇو مڙهيو ويو؟ ادارن کي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.