پ پ ۽ (ن) ليگي پارلياماني وفد جي چيني اختيارين سان ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون

پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي گڏيل پارلياماني وفد جي چين ۾ انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ آف ڪميونسٽ پارٽي آف چين(سي پي سي) جي وائيس منسٽر سن هاءِ بن سميت زراعت ۽ معاشيات جي ماهرن سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۾ روزگار جي موقعن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون.رپورٽ موجب وائس منسٽر سن باءِ ين پاڪستاني سياست ۾ عورتن جي وڌندڙ بهتر ڪردار جي تعريف ڪئي. وائس منسٽر پاڪستاني وفد سان ڳالهين ۾ چونڊن کان پوءِ جوڙيل نئين حڪومت کي مبارڪباد ڏني.هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ عورتن جي وڌندڙ نمائندگي هڪ مثبت پيغام آهي.پاڪستان جو مستقبل تمام گهڻو روشن آهي، ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط  بنائڻ انتهائي ضروري آهي.وائس منسٽر سن باءِ بن وفد سان ڳالهين ۾ ٻڌايو ته ڪجهه عناصر سي پيڪ ۽ اسان کي روڪڻ چاهين ٿا ڇو ته انهن کي خبر آهي ته سي پيڪ اهم منصوبو آهي، چيلنجز آهن پر پاڪستان ۽ چائنا کي ملي انهن مسئلن کي حل ڪرڻو آهي.ان موقعي تي وفد جي سربراهه اڳوڻي وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود ۽ رانا ارادت شريف چيو ته ملڪ دشمن عناصر دهشتگردي جون افسوسناڪ ڪارروايون ڪري پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وڇوٽيون پيدا نٿا ڪري سگهن. اهي عناصر پاڪستان جي ترقي جا دشمن آهن، پاڪستان چيني شهرين کي مڪمل سيڪيورٽي ڏئي رهيو آهي. ٻئي ملڪ ملي دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. ملاقات ۾ پاڪستاني وفد اختيارين سان چيني شهرين جي مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان طرفان چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو.