ٿر جي فطري سونهن رکندڙ مور پکين تان موت جو راڪاس نہ ٽريو، ٻن ڏينهن دوران 5 مور مري ويا

ٿر جي فطري سونهن رکندڙ مور پکين تان موت جو راڪاس نہ ٽريو، ٻن ڏينهن دوران ٿر جي ڳوٺ گرڙاٻھ ۽ سيڏيو ۾ پنج مور پکي مري ويا. مورن جي مرڻ تي ٿر جا مارو ماڻهو ڏکارا بڻجي ويا جڏهن ته پکين جي پالنا واري کاتي به مورن جو نسل بچائڻ لاءِ اک نه کولي ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته نئون ڪوٽ ڀرسان ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ گرڙاٻھ ۽ سيڏيو مورا ۾ پراسر بيماري وگهي هن وقت تائين پنج مور پکي مري ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي مور خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهن پر خوبصورت پکي جي نسل بچائڻ لاءِ پکين جي پالنا واري کاتي طرفان ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي وئي آهي نئون ڪوٽ جي ڳوٺانن ٻڌايو ته خطرناڪ بيماري سبب مورن جو ڳلو سُڄي ٿو وڃي ۽ اکين جي نور کان محروم ٿي مور ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃن ٿا، جهنگلي جيوت کاتي کي ڪيترائي ڀيرا اطلاع ڏيڻ باوجود لاڳاپيل عملي جو ڪوبه عملدار بيمار مورن جي چڪاس ۽ علاج لاءِ ڪي ٽيمون ناهن موڪليون، جنهن سبب خوبصورت پکي جي نسل ڪشي ٿي رهي هئي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته جيڪڏهن ٿر جي سونهن رکندڙ مورن جو وقت سر علاج نه ٿيو ته مورن جو نسل خطري ۾ پئجي ويندو اتان جي رهواسين موجب مختلف ڳوٺن ۾ هر سال سون جي تعداد ۾ مور پکي پراسرار بيماري وگهي مرن ٿا پر جهنگلي جيوت کاتو هن مهل تائين مورن جي بيماري جو پتو لڳائي ناهي سگهيو. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته فوري طور تي ٿر جي سونهن جي رکندڙ خوبصورت پکي مور جي نسل ڪشي بچائڻ لاءِ فوري طور تي اپاءُ کنيا وڃن.