پاڪستان ڀارت جي دفاع واري وزير جي چڙ ڏياريندڙ بيان جي مذمت ڪري ڇڏي آهي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي خلا ف پنهنجي خودمختاري جي تحفظ لاءِ مڪمل پرعزم آهي .عالمي برادري کي ڀارت جي غيرقانوني قدمن تي تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته 25 جنوري تي پاڪستان ڀارتي قدمن جا يقين ڪرڻ جوڳا ثبوت ڏنا. اهي پاڪستان ۾ ڀارت جي عدالت کان مٿانهين ۽ عالمي قتل عام مهم جا چٽا ثبوت آهن هن چيو ته ڀارت جو وڌيڪ شهرين کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ واضح طور تي ڏوهه جو اعتراف آهي. عالمي برادري کي ڀارت جي اهڙن قدمن تي فوري طور تي قدم کڻڻ گهرجي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجي خودمختاري جي تحفظ لاءِ مڪمل پرعزم آهي. فيبروري 2019ع تي به ڀارت کي جارحيت تي سخت رد عمل کي منهن ڏيڻو پيو هو. اهڙي قدم ڀارت جي فوجي برتري جي کوکلي دعويٰ کي بي نقاب ڪيو پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چونڊ فائدي جي لاءِ ڀارتي حڪمران چڙ ڏياريندڙ بيانن جو سهارو وٺي رهيا آهن ڀارت جو غير ذميوارانو رويو علائقائي امن کي نقصان پهچائي ٿو. پاڪستان هميشه خطي ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان جي امن جي خواهش کي غلط نه سمجهڻ گهرجي. پاڪستان جي تاريخ پنهنجي ڀرپور دفاع جي صلاحيت جي گواهه آهي.