وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت جي خلاف جنگ ۾ غيبي مدد آئي جڏهن ته ايران اسرائيل سيز فائر ۽ ايران جي نظر ايندڙ ڪاميابي جي پٺيان به وردي آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ عالمن سان محرم الحرام جي حوالي سان امن امان بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري، رويت هلال ڪميٽي جو سربراهه مولانا عبدالخبير آزاد سميت ٻين اهم مذهبي شخصيتن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي محسن نقوي چيو ته امن جي قيام ۾ عالمن هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چيئرمين رويت هلال ڪميٽي سمورن مڪتب فڪر جي ماڻهن کي گڏ کڻي هلي، پنهنجو مسلڪ نه ڇڏيو نه ئي ڪنهن جو مسلڪ ڇيڙيو جي تهيم رکڻ گهرجي. محسن نقوي چيو ته پاڪ ڀارت جنگ جي دوران غيبي مدد آئي، ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، اسان جي ڪوشش هئي ته ڪوبه ڀارتي شهري نه مارجي وڃي، پاڪستان ميزائل فائر ڪيا ڪجهه نمبر اڳيان پويان ٿي ويا، ڊپ هو ته شهري آبادي کي نقصان نه ٿئي پر پاڪستاني ميزائل ڀارت جي سڀني کان وڏي آئل ڊپو ۾ لڳا. انهي کان علاوه ڀارت هڪ پاڪستاني بيس تي تقريبن 11 ميزائل فائر ڪيا انهي بيس تي اسان جا جهاز ۽ ماڻهو به موجود هئا، امڪان هو ته ڀارتي ميزائلن سان تمام گهڻو نقصان ٿيندو، اسان کي اطلاع ملي ته ڀارتي ميزائلن سان ڪوبه نقصان نه ٿيو آهي. هن چيو ته اهي صرف 2 قصا آهن جيڪي مون ٻڌايا ته ڪهڙي طرح سان غيبي مدد آئي. گهرو وزير چيو ته ڪنهن هڪ ڀارتي ميزائل سان پاڪستان جي جهاز ۽ ماڻهن کي نقصان ناهي پهتو، آرمي چيف واضح ڪري ڇڏيو هو ته حملو ڪرڻ تي ڀارت انهي کان وڌيڪ ڀوڳيندو. محسن نقوي چيو ته اسرائيل جي ايران خلاف جارحيت ۽ جنگبندي ۾ وزيراعظم جو اهم ڪردار آهي ۽ انهي جي پٺيان ايران جي نظر ايندڙ ڪاميابي جي پٺيان به وردي آهي. گهرو وزير محسن نقوي وڌيڪ چيو ته مان اڳيان وڌيڪ ڊيٽيل ۾ نٿو وڃڻ چاهيان جهڙي طرح انهن ڳالهيون ڪيون جهڙي طرح سان عالمي اڳواڻن کي قائل ڪيو آهي، انهي تي اسان سڀني کي فخر ڪرڻ گهرجي.