ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي عمل ڪري يا جنگ لاءِ تيار رهي: بلاول ڀٽو زرداري

 پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي عمل ڪري يا جنگ لاءِ تيار رهي، پاڻي تي جنگ وڙهڻي پئي ته ايندڙ جنگ به کٽينداسين، ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملي جي مذمت ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت پهلگام دهشتگردي جي واقعي کان پوءِ سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ جو چيو، پاڻي روڪڻ جي ڌمڪي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪڏهن پاڻي روڪيو ويو ته اسان کي جنگ وڙهڻي پوندي، اسان کي خبر آهي ته اسان جي  فوج، ايئر فورس پوري طرح سان تيار آهي. هن چيو ته هاڻ ڀارت وٽ ٻه ئي آپشن آهن، سنڌ طاس معاهدو مڃي، جيڪڏهن ڀڃڪڙي ڪندو ته سمورا 6 درياءَ پاڪستان جا هوندا سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي مودي جي حق ۾ بهتر ٿي سگهي ٿي، پر معاهدي تي عمل ڪرڻ پاڪستان ۽  ڀارتي عوام لاءِ اهم آهي. هن چيو ته ڀارت جي ڪوشش هئي ته پاڪستان کي باقاعده دهشتگرد رياست ڊڪليئر ڪرايو وڃي، ڀارت ڪوشش ڪئي پاڪستان کي آءِ ايم ايف جو پيڪيج نه ملي، هر محاذ تي پاڪستان سوڀ ماڻي ۽ ڀارت کي شڪست ڏني، اسان گڏيل قومن جي فورم تي پنهنجو موقف پيش ڪيو، پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۽ سفيرن کي سلام پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. پ پ چيئرمين چيو ته ڀارت جي پوري ڪوشش هئي ته جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي وائٽ مان ٻيهر گري لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي پر انهي ميدان ۾ به دشمن کي شڪست ملي، اڌ کان وڌيڪ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ڀارت جو هٿ هوندو آهي، اهو مودي جو فيصلو ٿي سگهي ٿو ته پنهنجو مستقبل اهڙن دهشتگردن جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو، اسان دهشتگردن جي خلاف پاڻ سان گڏوگڏ ڀارتي عوام جو به ڪيس وڙهي سگهون ٿا، خطي جي لاءِ ضروري آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن قائم ڪيو وڃي. وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته آمريڪا جي ايران تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، اسرائيل ڪوڙ جي بنياد تي ايران تي حملو ڪيو، الزام لڳايو ويو ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ وارو آهي، ايران تي ڪيترن ئي سالن کان ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن. هن چيو ته ايران ۾ اهم اڳواڻن ۽ صحافين کي نشانو بنايو ويو، ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي مهانگو ترين حملو ڪيو ويو، ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو ڪري خطي جي عوام جي زندگين کي داءُ تي لڳايو ويو. ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، سلامتي ڪونسل ۾ به آمريڪا جي ايران تي حملي جي مذمت ڪئي وئي. هن چيو ته  اسرائيل آمريڪي عوام کي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي، آمريڪي عوام انهي جنگ جي حمايت نه ڪري رهيو آهي، پهريان هو لبنان آيا، يمن آيا ۽ هاڻ ايران اچي ويا، جيڪڏهن اسان هاڻ به نه ڳالهايو ته جڏهن هو اسان تي ايندا ته ڪير به ڳالهائڻ وارو نه هوندو، اسرائيل جي رجيم کي روڪڻو پوندو، ايران اسرائيل جنگ جو دانشمندانه ۽ صبر سان حل ڪڍيو وڃي. بلاول چيو ته اسان جي خطي ۾ به هڪ نيتن ياهو جي سستي ڪاپي موجود آهي، اسان نيتن ياهو جي سستي ڪاپي کي جنگ، سفارتڪاري، بيانئي جي ميدان ۾ ورجايو، اسان جنهن جنهن ملڪ ۾ وياسين پاڪستان جو بيانيو پيش ڪيو، اسان جتي جتي وياسين پويان پويان نيتن ياهو جي سستي ڪاپي جا به نمائندا پهتا، الله تعاليٰ پاڪستان کي فوجي ۽ سفارتي طرح تي ڪاميابي عطا ڪئي.