موسميات جي ماهرن اڱاري کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب ڀارت ۾ موجود طاقتور هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪري ويو آهي. سسٽم ڊپريشن جي صورت ۾ مدهيه پرديش ۾ موجود آهي اهو سسٽم اڄ رات يا سڀاڻي صبح جو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته انهي سسٽم جي اثر هيٺ سانوڻي جون هوائون شدت سان سنڌ ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون. اڄ رات کان 31 آگسٽ جي دوران سنڌ ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي جڏهن ته 26 کان 30 آگسٽ جي دوران سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات پئجي سگهي ٿي. ڪراچي ۾ 27 کان 31 آگسٽ جي دوران هوائن ۽ کنوڻ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي جڏهن ته کيرٿر رينج ۽ بلوچستان جي جابلو سلسلي تي به تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب تيز برسات سبب سنڌ جا هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا. ان دوران پاڻي ۾ چاڙهه ايندو ان ڪري مهاڻا احتياط ڪن. ٻئي پاسي موسمياتي تجزيه ڪار اويس حيدر طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اهو اسپيل هينئر تائين سانوڻي جي سيزن جو سڀني کان وڌيڪ طاقتور اسپيل ثابت ٿي سگهي ٿو. اويس حيدر موجب سومر تي ڪراچي جي ڏوراهين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته اڱاري کان خميس تائين ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪنهن ڪنهن هنڌ تي تيز برسات جو به امڪان آهي ۽ شهر ۾ ٻوڏ جو خطرو پڻ موجود آهي. موسمياتي تجزيه ڪار وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ جمعي تي به مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. ٻئي طرف موسميات کاتي ڪراچي جي موسم جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جو موسم گرم ۽ وچولو رهندو ۽ ان دوران شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 36 ڊگري سنيٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب هن وقت هوا ۾ نمي 70 سيڪڙو جڏهن ته شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال آهن، سامونڊي هوائون 27 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.