سڪرنڊ واقعي خلاف ڀان سيدآباد ۾ ايس يو پي ڪارڪنن پاران اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پنهنجي مٿان مٽي وجهي انوکو احتجاج ڪيو ويو آهي ايس يو پي ڪارڪنن ضلعي صدر درياء خان لغاري، اصغر سولنگي، سهيل ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو ايس يو پي ڪارڪنن اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پنهنجي مٿان مٽي وجهي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو مظاهرين جو چوڻ هو ته ادارا دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪن، سنڌي قوم کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ماڙي محبت سڪرنڊ ۾ بيگناهه ماڻهن مٿان گوليون وسايون ويون، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي هنن وڌيڪ چيو ته ڳوٺاڻن جي مٿان سڌيون گوليون هلائيندڙن خلاف عدالتي جاچ ڪرائي کين سزا ڏني وڃي ۽ نوابشاهه جي ايس ايس پي کي فوري طور تي هٽايو وڃي.