خاڻوٺ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پهچايا ويا ته اتي مارجي ويلن جي وارثن احتجاج ڪندي ڀڃ ڊاهه ڪئي، پوليس مڇريل ماڻهن تي لٺبازي ڪري ڏني، نتيجي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا مليل ڄاڻ موجب خاڻوٺ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي سوزوڪي تي ويندڙ ماڻهن ۽ پوليس وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو، نتيجي ۾ 3 مبينا ڏوهاري مارجي ويا، مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پوليس کڻائي سول اسپتال پهتي ته مارجي ويلن جي وارثن احتجاج ڪندي اسپتال اندر ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ پوليس موبائيل جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، سول اسپتال جو اڱڻ ڇڪتاڻ سبب جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جنهن دوران 3 پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا پوليس مڇريل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪري ڏني، نتيجي ۾ 8 مظاهرين رتورت ٿي پيا، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پوليس جن کي ڦورو ڄاڻائي قتل ڪيو آهي اهي اصل ۾ پورهيت آهن ۽ سبزي وٺڻ لاءِ سبزي منڊي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪڻ جو اشارو ڏنو، ڊپ سبب اهي نه بيٺا ته کين ڏوهاري ڄاڻائي ماريو ويو آهي، معاملي جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي پاسي ڄامشورو پوليس جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مانجهند انڊس هاءِ وي روڊ تي ڳوٺ فقير داد کوسو وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڦورو مارجي ويا، مارجي ويلن جي سڃاڻپ دلدار سولنگي ۽ دلبر مجيداڻو طور ٿي آهي، جڏهن ته هڪ ڏوهاري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ڏوهارين جا لاش سول اسپتال حيدرآباد جي مرده خاني ۾ رکرايا ويا آهن ڄامشورو پوليس جي ترجمان موجب مارجي ويل ڏوهاري سوزوڪي ۾ سوار ٿي سيوهڻ_ڄامشورو انڊس هاءِ وي تي گاڏين مان ڦرلٽ ڪندا هئا، جن رات جو پوليس کي ايندي ڏسي مٿن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ٽئي ڦورو مارجي ويا آهن، سندن ڏوهاري رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.