ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران سنڌو درياءَ تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، پوليس سان چڪريون، ڪيترائي شاگرد زخمي

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن 4 مارچ شاگرد ڏهاڙي جي موقعي تي اڄوڪو ڏينهن سنڌو درياهه جي مالڪي لاءِ جدوجهد جو ڏينهن قرار ڏيندي سنڌ يونيورسٽي جي آڳنڌ تي ٻوٽو پوکي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف جدوجهد جي شروعات ڪري ڇڏي، سنڌ يونيورسٽي جي سوين شاگردن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سينٽرل لائبريري کان انڊس هاءِ وي تائين ريلي ڪڍي، سوين شاگردن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي سامهو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻُ هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. شاگردن جي ريلي کي روڪڻ لاءِ پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا، جنهن دوران پوليس ۽ شاگردن وچ ۾ چڪريون ٿينديون رهيون، شاگردن جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس شاگردن مٿان لٺ بازي به ڪئي آهي پر ان باوجود شاگردن جا حوصلا بلند رهيا. جنهن کانپوءِ پوليس شاگردن مٿان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال پڻ ڪيو، پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي پڻ ٿيا، مڇريل شاگردن پوليس موبائل تي پٿراءُ ڪري ان جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪندي پنجن شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي، اسان پنهنجي جياپي کي بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، اسان جو احتجاج پرامن آهي پر پوليس ونگاري بڻجي اسان جي پرامن احتجاج کي پهرين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان پرامن ڌرڻو هنيو ته اسان مٿان لٺبازي ڪئي وئي، جيڪو عمل آمريتي دور کي ورجائي ٿو. هنن چيو ته اسان جي پرامن احتجاج ۾ شاگردن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ يونيورسٽي انتظاميا هوندي. ٻئي طرف شاگردن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ ڄامشورو ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس سنڌ يونيورسٽي گهرائي وئي آهي، پوليس مختلف هنڌن تي چڙهايون ڪري لڳ ڀڳ 15 شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.